اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي سنڌ حڪومت طرفان عذير بلوچ ۽ نثار م??رائي جي جي آءِ ٽي رپورٽس ۾ ڦيرڦار تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سا?? گڏ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي سياست ٿيندي ??هي?? جڏهن ته هتي رائيٽ ۽ رانگ جي سياست ٿي رهي آهي. هن چيو ته مون جي آءِ ٽي رپورٽس منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي ??هي?? هاڻي سنڌ حڪومت الله الله ڪري اهي رپورٽون پبلڪ ڪيون آهن، هن چيو ته جوابدار جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ 158 قتل جو پاڻ اعتراف ڪري چڪ?? ??هي?? هن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ رليز ڪئي آهي اها اڌوري ??هي?? جي آءِ ٽي ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا هئا ان ۾ اهو ن?? ٻڌايو ويو ته جوابدار ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪيو ۽ ان جو ڪنهن کي فائدو ٿيو.