اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرونا جو مقابلو ڪرڻو آ??ي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پ??ڪس??اني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي سان مقابلو ڪيو آ??ي، مون کي پورو يقين آهي ته پ??ڪس??اني قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرونا جي وبا جو مقابلو ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيند??، پ??ڪس??اني بهادر قوم آهي ۽ هي قوم تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي عوام سان سڌوسنئون رابطي دوران شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان متاثر ملڪن کان جيڪي تجربا سکيا ويا آهن، انهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر کي محدود ڪيو وڃي ته ان وبا کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.