پنڊداد خان – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سال 2019ع ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، 2020ع ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو، وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پهرين ڏي??هن قوم کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، تبديلي ۽ سڌارن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اهڙيون مافيائون آهن ج??هن جو مفاد پراڻي ۽ ڪرپٽ نظام سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي ئي وڌيڪ گوڙ ڪندا آهن، اسان جي ڪ??هن سان ذاتي دشمني نه آهي، اسان ملڪ کي بهت?? ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ڪرپٽ مافي??ز کي شڪست ڏيڻي آهي، مودي جي والاريل ڪشمير ۽ هندوستان ۾ مسلمانن تي ظلمن جي خل??ف اندر مان ماڻهو اٿي بيٺا آهن، عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت طرفان امڪاني واردات کان پهرين ئي دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن 117 ڪلوميٽر ڊگهي جلال پور ايريگيشن ڪينال جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.