اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي حڪومت جي سموري ڪارروائي کي اليڪٽرانڪ – آفيس (اي آفيس) تي منتقل ڪرڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سرڪاري آفيسن ۽ ادارن ۾ اي آفيس لاڳو ڪرڻ بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وز?? شزه فاطمه خواجه، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اي آفيس جي نظام، ان تي عملدرآمد ۽ سڌارن تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي اي آفيس ۾ سڌارن ۽ ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪري ڇڏي. وز??راعظم سموري حڪومتي ڪارروائي کي ڪاغذي فائيلن کان اي آفيس تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم پڇيو ته 20 سال اڳ اي آفيس تي ڪم شروع ٿيو، ايتري عرصي ۾ ان تي مثبت اڳڀرائي ڇو نه ٿي. وز??راعظم اهو به پڇيو ته سڄي دنيا ۾ اي آفيس تي ڪم ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ان منصوبي جي راهه ۾ ڇو رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون. وز??راعظم چيو ته اي آفيس تي منتقلي سان نظام ۾ شفافيت پيدا ٿيندي، ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهبا. اڄ جيڪڏهن رڳو سرڪاري خريداري ۾ ئي اي آفيس لاڳو ٿي چڪو هجي ها ته هيستائين ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهجيا پئي. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن ڄا??ي واڻي اي آفيس جي نظام کي سستي ج?? شڪار رکيو. اي آفيس جي استعمال کي آسان ۽ جديد ۽ محفوظ بڻايو وڃي. اي آفيس نظام جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو مثالن کان مدد ورتي وڃي. وز??راعظم چيو ته اي آفيس جي نئين سر تياري جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جي مدد ورتي وڃي. اي آفيس سان لاڳاپيل اسٽاف جي ميرٽ تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ غيرضروري، غيرلاڳاپيل ۽ مسلسل ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي نوڪري تان فارغ ڪيو وڃي.