اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪ??ري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل عرب امارات جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪ??ري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. و??ير??عظم حيات بائيو ٽيڪ پاران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور تي ويڪسين جي تي??ري ۾ سيڙپڪ??ري ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن دورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪ??ري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي وسيع موقعن کان آگاهه آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات توانائي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳا??ن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪ??ري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان و??ير??عظم کي سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان توانائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، و??ير??عظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪ??ري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.