اسل??م آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام ۽ ??ار??يامينٽ جو مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي، صدر شي جن پنگ چين جي تر??ي ۽ خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ چين جو صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر شي جن پنگ تي چين جي عوام ۽ ??ار??يامينٽ جو اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي. صدر شي جن پنگ چين جي تر??ي ۽ عوام جي خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آه??. و??يراعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صدر شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايجادن، ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون ح??صل ڪري رهيو آه??. و??يراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر شي جن پنگ جي 5 سالن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان صدر شي جن پنگ، چين جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.