اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ريلوي جهڙي قومي اداري کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌاراجاتي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان ريلويز ۾ جاري سڌاراجاتي عمل، ڪراچي ??رڪلر ريلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم منسٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي ??وا??ي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي ??هر جي مسئلن جي حل جي ??وا??ي سان ٻڌايو ويو ته لاهور ڪراچي ??يلوي ٽريڪ جي متوازي مال بردار گاڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، جنهن ذريعي پپري کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان ڳنڍيو ويندو، ان ڪوريڊور جي نتيجي ۾ مال برداري ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪراچي ??رڪلر ريلوي منصوبي جي ??وا??ي سان ٻڌايو ويو ته ان ??وا??ي سان پا??ستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيار ڪيو آه?? جنهن ذريعي مسافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو. منصوبي جي ٽيڪنيڪل ڊيزائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي ??وا??ي سان ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو 30 ڏينهن ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي ??وا??ي سان ٻڌايو ويو ته پا??ستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ اداري کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي ??وا??ي سان تفصيلي سڌاراجاتي پروگرام تي ڪم جاري آهي.