اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ حڪومتي اتحاد جو اميدوار سينيٽر مرزا محمد آفريدي 54 ووٽ حاص?? ڪري سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو آهي جڏهن ته سندس م??اب??ي ۾ اميدوار 44 وٽ حاصل ڪيا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 100 ميمبرن مان 98 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو، هڪ مي??بر اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن پاران معطل آهي جڏهن ته جماعت اسلامي جو سينيٽر مشتاق احمد خان غير حاضر رهيو. چونڊ عمل دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جڏهن ته سينيٽر ??دا??ت الله مرزا محمد آفريدي جي پولنگ ايجنٽ جا فرض سرانجام ڏنا.