اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چين جي نئين س??ل جي تقريبن جي حوالي سان اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن چين جي حڪومت، سياسي قيادت ?? عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين خطي جي خوشحالي لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿ?? ۽ ??نهي جذبي تحت ٻنهي ملڪن سي پيڪ جهڙي اهم اقتصادي منصوبي کي وٺي اڳتي وڌي رهيا آهن ته جئين علائقائي سطح تي رابطاڪاري جي ذريعي امن، ترقي ۽ سلامتي جي خواب کي شرمنده تعبير ڪري سگهجي.