اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز گلگت بلتستان جي عوام کي پولنگ جو عمل پرامن انداز ۾ خوش اسلوبي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا ۽ گلگت بلتستان جي غيرتمند عوام مخالف ڌر جي متوقع ڌانڌلي بيانيي کي ز??ين بوس ڪري ڇڏيو آهي. پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? اطلاعات واري وزير چيو ته چونڊ عمل ۾ بزرگن ۽ عورتن سميت عوام جي ڀرپور شرڪت ۽ شفافيت ميڊيا پنهنجي ڪئميرائن جي اکين سان ڏيکاري آهي.