اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ تعاون ۽ تجويزن حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن صوبن جي گورنرن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سان ??شاورتي وڊيو ڪانفرنس منعقد ڪئي. سمورن صوبائي گورنرن ان ??وقعي تي پنهنجي پنهنجي راءِ پيش ڪئي ۽ صدر کي ڪورونا جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏني، هن ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو، صوبائي گورنرن ۽ صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير وفاقي حڪومت طرفان صوبن کي طبي سامان جي فراهمي، احساس پرو??را?? تحت مالي مدد جي فراهمي سميت ملڪ ۾ تعاون جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو.