اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ان مقصد جي ??اءِ ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل ذريعي انگ اکر جوڙڻ ترقياتي منصوبابندي جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، مهذب معاشري جي سڃاڻپ ڪجهه اميرن سان نه پر اڪثريت جي رهڻي ڪهڻي سان هوندي آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪنهن هڪ ع??ائقي تي وڌيڪ فنڊ خرچ ڪرڻ سان ٻيا علائقا ترقي کان محروم رهجي ??ڃن ٿا، غربت جي خلاف جهاد ئي اصل جهاد آهي، ڪمزور طبقي جي خوشحالي سان ئي ملڪ ترقي ڪ??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.