اسلام آباد – 10 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آه?? ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هڪ چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ حقيقت ۾ آئين تحت بغاوت ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آه??، اقتدار جي لاءِ جمهوريت نعرو لڳائڻ، سياسي انتشار ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ٽولو 2023ع تائين ??نه??جي واري جو انتظار ڪري، 2023ع جي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهن جي سياست ۽ اسان جي خدمت کي ڏسي فيصلو ڪندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ٿي رهيا آه??. هو پراپرٽي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن ??ي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.