اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سماجي ۽ اقتصا??ي ترقي جي لاءِ اڳتي وڌ?? جو واحد رستو تعليم آهي، وزيراعظم عمران خان تعليم جي اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، اهو شعبو پاڪستان جي مستقبل سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ سرڪاري ۽ نجي حصيداري لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي يونيورسٽي آف هرٽ فورڊ شائر جي وائيس چ??نسلر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪوئينٽن ميڪ??ر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.