بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ سرمائي اولمپڪ?? راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن، دوستي ۽ ويجهي ت??اون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ حصيداري کي وسيع پئماني تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ عملي قدم جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان واپاري ۽ اقتصادي ت??اون کي وڌيڪ وڌائڻ، خاص طور تي ت??ريخي ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊنگ ايگريمينٽ (يو پي ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جي مڪمل حمايت کي پڻ ورجايو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ بهتر ??ڻا??ڻ جي لاءِ وزيراعظم سياحت کي وڌائڻ، سڌوسنئون اڏامن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ، بئنڪنگ رابطن کي مضبوط ۽ ويزا جي طريقيڪار کي آسان ??ڻا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بابري ورثي بابت گڏيل فلم ۽ ازبڪ زبان ۾ پاڪستاني ڊرامن جي ڊبنگ سميت گڏيل تحقيق ۽ ميڊيا منصوبن تي اڳڀرائي کي ت??ليم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغان صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران افغانستان جي لاءِ اقتصادي ۽ انساني امداد جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عملي رابطن جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان علائقائي استحڪام سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر ۽ رابطن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني عوام ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري تي سندس استقبال جي منتظر آهي. ٻنهي ڌرين دوري جي ٺوس نتيجن کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.