اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌارن ذريعي م??يشت کي پائيدار بنيادن تي هلائڻ لاءِ بنياد رکي ڇڏي آهي، بجلي جي رسد واري نيٽ ورڪ کي 20 هزار ميگاواٽ مان وڌائي 24790 ميگاواٽ تائين واڌ ڏني اهي. 2023ع تائين بجلي جي رسد واري نيٽ ورڪ 30 هزار ميگاواٽ تائين وڌائي ويندي، گئس جي قيمتن جو هن وقت تائين تعين نه ڪيو ويو آهي، ماضي جون حڪومتون توانائي جا مهانگا معاهدي نه ڪن ها ته فيول ايڊجسٽمينٽ جو سهارو نه وٺڻو پوي ها، ڪووڊ باوجود گذريل سال اسا?? جي معيشت اطمينان جوڳي رهي، هن سال اسان 5 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪنداسين، جيترو بحث مباحثو وزيراعظم عمران خا?? جي ڪابينه ۾ ٿيندو آهي، ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌارن ذريعي م??يشت کي پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي بنياد رکي آهي. هاڻي ايڪسچينج ريٽ لاءِ مٽا سٽا جي ناڻن جو ذخيرو استعمال نه ٿيندو، مارڪيٽ جي چر پر تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ جو تعين ڪيو ويو آهي، جنهن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ڪسٽم پاليسي کي ٽيڪس جي پاليسي کان ڌار ڪري رکيو آهي، ان سان ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ۾ مثابقت پيدا ٿيندي جڏهن ته خام مال جي گهرائڻ تي رعايت پڻ وڌي ويندي. 200 جي لڳ ڀڳ خام شين تي ٽيڪس ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن ۾ ڊي انڊسٽريلائيزيشن ٿي يعني صنعتون ڪمزور ٿيون اسا?? جي حڪومت ان عمل کي رورس ڪيو ۽ ا?? جي نتيجي ۾ وڏين صنعت?? جي پيداوار ۾ گذريل سال 13 سيڪڙو جي اوسر ٿي جڏهن ته جاري م??لي سال ۾ پڻ وڏين صنعت?? جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. حماد اظهر ڪيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ سٺي رهي آهي. پاڪستان 27 نقاطي ايجنڊا مان 26 نقطن تي مڪمل عملدرامد ڪيو آهي، جڏهن ته هڪ نقطي تي ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي. توانائي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان موجوده حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي حڪومتن طرفان توانائي ج?? مهانگن معاهدن تي ٻيهر ڳالهيون ڪيون، ان سان ملڪ کي اربين رپين جو فائدو ٿي رهيو آهي. حڪومت هاڻي شفاف طريقي سان اوپن بڊنگ ذريعي م??اهدا ڪري رهي آهي، هاڻي بند ڪمرن ۾ اهي م??اهده نه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن بجلي جي پيداوار تي ته توجهه ڏني جڏهن ته پيدا ٿيل بجلي جي رسد ۽ ورهاست جي نظام تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، موجوده حڪومت جي هن شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي، اسان رسد واري نيٽ ورڪ کي 20 هزار ميگاواٽ مان وڌائي 24790 ميگاواٽ تائين واڌ ڏني آهي، ۽ 2023ع تائين نيٽ ورڪ کي 30 هزار ميگاواٽ تائين وڌايو ويندو. نيلم جهلم ۽ ويجهن پاور پلاٽن مان بجلي جي رسد جي ٻئي م??حلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن ان سان سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا کي بجلي فراهم ڪري سگهنداسين. خاص ڪري گرمي?? جي موسم ۾ انهن علائقن ۾ هاڻي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو منهن نه ڏسڻو پوندو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ضروري آهن. پهرين هڪ هڪ ايل اي?? جي ڪارگو تي 10 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو هو. حڪومت گئس جي قيمت?? جي حوالي سان تاريخي قانونسازي ڪئي آهي. هن قانونسازي جي ڪافي عرصي کان ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. هاڻي ان کي سينيٽ مان منظور ڪرايو ويندو. هن چيو ته گئس جي قيمتن جو تعين اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي م??ن منظور ٿيل بل مطابق قيمت?? جي تعي?? جي حوالي سان وفاقي حڪومت هدايتون ڏيندي، قيمت درآمدي ايل اي?? جي ۽ مقامي گئس جي بنياد تي ڪئي ويندي. اهو ضروري ناهي ته هر مهيني ايل اي?? جي کي گئس مڪس ڪري شامل ڪيو وڃي. قيمت جو تعين بين الاقوامي م??رڪيٽ ۾ ايل اي?? جي قيمت ۽ ملڪي سسٽم ۾ ا?? جي مقدار جي بنياد تي هوندو. هن چيو ته پاڪستا?? جي گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، اسان کي ان جو متبادل ڳولڻو پوندو. قزاخستان مان گئس جي فراهمي لاءِ روس سان اسا?? جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. فيول پرائيس ايڊجستمينٽ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو گهرايل ٻارڻ جي استعمال تي لاڳو ٿي رهيو آهي. گذريل حڪومتن سڄي توجهه ايل اي?? جي گهرائڻ ۽ ڪوئلي تي هئي جيڪڏهن ڊيم?? جي تعمير تي توجهه ڏني وڃي ها ته اسان کي هن صورتحال جو منهن نه ڏسڻو پوي ها، هاڻي هي ڏهاڪو ڊيمن جو آهي. هن وقت 10 ڊيم زير تعمير آهن. 2030ع ۾ 70 کان 80سيڪڙو بجلي مقامي ذريعن مان پيدا ٿيندي. اسٽيٽ بئنڪ بل جي حوالي هن چيو ته هن بل تي سياست ڪئي وئي آهي. انگن اکر?? جي شمار جي حوالي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، آمريڪا برطانيه ۽ ٻين ترقي يافته قومن ۾ اسٽيٽ بئنڪس آزاد ۽ خودمختيار هونديون آهن. ماضي ۾ پاڪستا?? جي ناڻي واري وزير کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پڻ 2015ع ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي حوالي سان هڪ قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان تي پيروي نه ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن سال اسان 6 ارب جا ٽيڪس روينيو حاصل ڪنداسين، اسا?? جي روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻو 30-30 ارب رپي?? جي تاريخي سطح عبور ڪندي. هن چيو ته انصاف صحت ڪارڊ صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي جنهن سان هر پاڪستاني کي ساليانو 10 لک رپين تائين علاج معالج جي سهولت?? جي فراهمي ڪئي وئي آهي. هي اسا?? جي حڪومت جا بنيادي سڌارا آهن، جنهن سان معيشت ۾ پائيدار بنيادن تي اوسر ٿي رهي آهي. ڪووڊ 19 باوجود گذريل سال اسا?? جي معيشت اوسر ڏيکاري، هن سال ۾ اسان 5 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪنداسين.