اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سپريم ??ورٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته آرمي ??بلڪ اسڪول (اي پي ايس) سانحي جي ذميوارن کي بي نقاب ڪنداسين. سپريم ??ورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سپريم ??ورٽ ۾ اي پي ايس سانحي بابت ??ورتحال پيش ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته سانحي ۾ جيڪي به ذميوار آهن انهن کي بي نقاب ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عدالت کي نواز شريف گهربل آهي ته گهرو وزارت 24 ڪلاڪن ۾ نواز شريف کي واپس آڻڻ جي لاءِ پاسپورٽ ۽ ضروري دستاويز فراهم ڪندي.