اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آه?? ته پاڪ- چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تي سڄي دنيا جون نظرون آه??، ان لاءِ ڪجهه حلقن طرفان ڄاڻي واڻي ان رٿا جو ناڪاري تاثر اُڀارڻ جون خبرون هلايون ويون آه??، سي پيڪ ۾ ڪو مهانگو يا ڳجهو قرض ناهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ چ??ن کان سستو قرض مليو آه??، سي پيڪ جي بنياد تي ملڪي قرض خطرناڪ حد تائين وڌڻ جو تاثر غلط آه??، سي پيڪ منصوبو شفافيت وارو آه?? ۽ ان جي پارلياماني نگراني به جاري آه??، بجلي جي منصوبن ۽ ٽيرف جي معلومات نيپرا وٽ دستياب آه??.
اهڙو اظهار هن سي پيڪ بابت وزيراعظم جي خاص معاون خالد منصور سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ??ه سي پيڪ منصوبن جي معلومات ڪيترائي ڀيرا پارليامينٽ ميمبرن کي ڏئي چڪا آه??ون، بجلي جي منصوبن ۽ ٽيرف جي معلومات نيپرا وٽ موجود آه??، چين ڪيترائي منصوبا گرانٽ جي شڪل ۾ ڏنا آه??. هن پاڪستان جي قرضن جي حوايل سان هڪ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جي رپورٽ کي رد ڪندي واضح ڪيو ته اهو تاثر غلط آه?? ??ه سي پيڪ جي ڪري اسان جا قرض خطرناڪ حد تائين وڌيا آه??.
هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان چ??ن کي سي پيڪ تحت منصوبن جي اها آڇ ڪئي جيڪا ٻي دنيا کي ڪئي وئي، چين جا قرض پاڪستان جي مجموعي قرض جو 10 سيڪڙو آه??، پرڏيهي قرضن جي حساب سان چين جو قرض 26 سيڪڙو آه??. اسد عمر چيو ته ڄاڻايل رپورٽ ۾ سي پيڪ قرض کي ڳجهو قرض چيو ويو آه??. هن واضح ڪيو ??ه سي پيڪ ۾ ڪوبه ڳجهو قرض ناهي ۽ نه ئي اسان جي علم ۾ اهڙي ڳالهه آه??، جڏهن ته حڪومت طرفان قرضن لاءِ خودمختيار گارنٽي ڏني وئي، سي پيڪ تي گڏيل پارلياماني ڪميٽيءَ سميت ٻنهي ايوانن جون ڌار ڌار ڪميٽيون آه?? ڪنهن به منصوبي تي جن ۾ توانائيءَ جا منصوبا پڻ شامل آه??، معلومات ڏيندا رهيا آه??ون. خودمختيار گارنٽي حڪومت ڏيندي آه?? ۽ اهو ڪو ڳجهو قرض ناهي. ڪيترائي منصوبا حڪومت نجي شعبي ذريعي خودمختيار گارنٽي سان مڪمل ڪندي آه??. هن رپورٽ ۾ مهانگي قرض جي ڳالهه ڪئي وئي آه?? جڏهن ته اصل صورتحال اها آه?? ته قرض جي شرح تي وياج جي شرح 4 سيڪڙو آه??، ڊگهي مُدي وارا قرض ان ۾ وڌيڪ آهن ۽ ان جي وياج جي سراسري شرح 4.25 سيڪڙو آه??. حڪومت کي ڏنل گرانٽ جي وياج جي سراسري شرح 2 سيڪڙو ٺهي ٿي.
وفاقي وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو آه??، آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو هئڻ تي سي پيڪ جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آه??. آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ??ه سي پيڪ منصوبن ۾ شفافيت ناهي جيڪو قطعي طور دُرست تاثر ناهي. اسد عمر چيو ته ڪجهه حلقن جي خواهش آه?? ??ه سي پيڪ منصوبو ڪامياب نه ٿئي پر اها سندن خواهش پوري نه ٿيندي، اهو وڏو منصوبو شفاف انداز ۾ خوش اسلوبيءَ سان اڳيان وڌي رهيو آه??. وفاقي وزير چيو ??ه سي پيڪ جا ڪجهه منصوبا ڪورونا سبب دير جو شڪار ٿيا آه??. هن چيو ته دنيا افغانستان سان معاشي ناتا رکي ۽ افغانستان جي استحڪام لاءِ اڳيان وڌي. هن چيو ??ه سي پيڪ هڪ عظيم منصوبو آه?? جنهن ۾ ٻين ملڪن جي شرڪت جي آجيان ڪئي ويندي.