اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طال??ان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي ج??ڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي ج?? به مفاد ۾ آهي. ??ن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وزيراعظم چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام ع??ي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ک??نپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري ج?? افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طال??ان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه ک??نپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي ج??ڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي ج?? به مفاد ۾ آهي.