اسلام آباد – 11 آ??سٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مذهبي عقيدن جي ??حت??ام کي حڪومت جي بنيادي پاليسي قرار ڏيندي چيو آهي ته رحيم يار خان ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مندر جو ٻيهر کلڻ حڪومت پاران اقليتن جي حقن کي ڏني ويندڙ ا??مي?? کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مذهبي عقيدن جو ??حت??ام اسان جي بنيادي پاليسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستان جي آئين جي گهرجن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي نعمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ته رحيم يار خان جي علائقي ڀونگ شريف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ٻار جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آ??سٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻار جي ض??انت منظور ڪري ان جي آزادي جو حڪم ڏنو ته مڇڙيل ميڙ ??حت??اج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ مندر کي نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ مندر جي بحالي جو حڪم ڏنو ۽ تنهن ڪري 11 آ??سٽ تي متاثر مندر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعلي?? ۽ ??ومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار اقليتن جي ڏينهن جي موقعي تي ڀونگ شريف ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر مندر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.