اسلام آ??اد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي علائقي لنڊن ۾ پاڪستاني ڄائي مسلمان ڪينڊين خاندان جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ان واقعي سان اولهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جي خبر پ??ي ٿي، ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم پاڪستاني ڄاول ڪينڊين مسلمان خاندان جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جو اهو قابل مذمت قدم ا??لهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته عا??مي برادري کي گهرجي ت?? هو اسلاموفوبيا کي روڪڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي.