اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آهي، ??هو هڪ زبردست قدم آهي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته ??هو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هوندا ته ??دفن جو تعين ڪرڻ ۾ ??سا??ي ٿيندي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو من??وب?? تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??هو پروگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.