اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موجو??ه حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجو??ه حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، پاڪس??ان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خيالن جي ڏي ??ٺ جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائي رهي آهي