اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هر جڳهه مافيا ويٺل آهي جيڪا تبديلي اچڻ نه ڏئي رهي آهي، ڪرپٽ نطام مان فائدو کڻندڙ 30 سالن تائين ملڪ کي ڦريندڙ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، قوم منهنجو ساٿ ڏي مافيا جو مقابلو ڪري ڏيکاريندس، طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻڻ جهاد آهي، ??يشڪ منهنجي ??ڪومت هلي وڃي اين آر او نه ڏيندس، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ناڻي واري وزير کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، ??طي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ قيمتون گهٽ آهن، پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي، ??وف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، ??دالتن ۾ اچي پنهنجي ??فائي پيش ڪن، اين آر او جي ??نتظار ۾ ٻاهر وڃي ڇو ويٺا آهن، آبادگار خوشحال ٿي ويا آهن، زرعي سڌارا آڻي رهيا آهيون، آبادگار ڪارڊ متعارف ڪرائي رهيا آهيون، صحت ڪارڊ سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي ??ڌوسنئون سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي پهرين ۽ ٻي لهر ۾ قوم تعاون ڪيو ۽ ٽئين لهر ۾ به الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ خوشقسمتي سان خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ??ورتحال تمام بهتر آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري 22 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ هلي ويا آهن پر پاڪستان ۾ الحمدالله ڀارت، بنگلاديش، نيپال ۽ ايران سميت خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صورتحال بهتر آهي. وزيراعظم قوم کي تاڪيد ڪئي ته اها عيد جي م??ڪل?? دوران خاص طور تي احتياط کان ڪم وٺي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ??زرگن جو خيال رکن ڇو ته اسان جيترو وڌيڪ احتياط ڪنداسين ايترو جلد ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين.