اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو، مختلف شعبن ۾ ڪامياب عورتن جي محنت ۽ جدوجهد کي ماڊل طور ??ي پيش ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ۽ عالم سڳورا عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ جي حوالي سان ??عور ??جاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صد?? ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، يو اين وومين جي پاڪستان ۾ ڪنٽري هيڊ شرميلا رسول ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايندر لاڪا مينارا به تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نم??يان ??دمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن به شرڪت ڪئي. صد?? چيو ته مجموعي ترقي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورتن جي حقن جا قانون پاڪستان قائم ٿيڻ جي وقت کان موجود آهن تنهن هوندي به انهن تي موثر عملدرآمد جي سلسلي ۾ قانون ۾ ترميمون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام عورت جي حقن ۽ معاشري ۾ باعزت مقام جو درس ڏي ٿو جنهن جي باري ۾ ماڻهن کي مڪمل آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صد?? چيو ته عورت جي صحت ۽ ٻارن جي واڌويجهه جو گهرو لاڳاپو آهي، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو. هن چيو ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن جي صحت جي مسئلن جي ڏس ۾ فوري طبي مشوري لاءِ ٽيلي هيلٿ سروس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ان ??ان ??اص طور ??ي انهن عورتن کي سهولت ملندي جيڪي مختلف سببن جي ڪري اسپتالن سان فوري رجوع نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته عورتون پنهنجي روين جي ذريعي وڌيڪ ذميوار ثابت ٿينديون آهن، ان ??و ثبوت اهو آهي ته عورتن پاران قرضن جي واپسي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، هن چيو ته حڪومت عورتن جي سهولت لاءِ آسان قرض ڏيڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي تنهن هوندي به عورتن جي اڪثريت کي ان ??ابت مڪمل آگاهي نه هجڻ جي ڪري اهي ان ??هولت مان فائدو نٿيون کڻي سگهن، لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.