اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جنوري 2021ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 2 ارب 27 ڪروڙ ڊ??لر رهيو جيڪو جنوري 2020ع جي مقابلي ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ رهيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو مسلسل اٺين مهيني به ٻه ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو جنهن تي آئون پرڏيهي پاڪستانين جو ٿورائتو آهيان، وزيراعظم عمران خان چيو ته ه??ند?? مالي سال جي دوران هيستائين پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جو ناڻو گذريل سال جي انهي مد?? جي مقابلي ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي جيڪ?? هڪ رڪارڊ آهي.