اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلام??ي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قا??وني، سي??سي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعم??ل ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين امن مشنز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي 75 ه??ن سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن جي 75 ه??ن سالگرهه ملهائي رهي آهي، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جوڙيو.