اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موو??ين?? پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ م??حده قومي موو??ين?? پاڪستان جي وفد سان ڳ??له??ئيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متحده قومي موو??ين?? پاڪستان حڪوم?? جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ مل?? جي معيش?? جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي مسئلن جو حل حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ م??لي سال 25 – 2024ع جي وفاقي بجيٽ تي پڻ مشاورت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي بجيٽ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم متحده قومي موو??ين?? پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪئي.