اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي آهي، ملڪ جا معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پا??ستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پا??ستان جي دوري تي آيل بنگلاديشي صحايفن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي، حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير بنگلاديشي صحافين کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعطم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي آهي، موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي رسالا به پا??ستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پا??ستان حڪومت ۾ انفراسٽرڪچر جي م??صوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، اهي م??صوبا نه رڳو معيشت کي فروغ ڏيندا پر روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پا??ستان ۾ ٽيڪس نظام کي بهتر ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن. پا??ستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اهميت کي تسليم ڪري ٿي، اسان صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ جعلي خبرن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ عالمي سطح تي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته بنگلاديشي صحافين جا ٿورائتا آهيون ته اهي پا??ستان آيا ۽ حڪومت جي معاشي قدمن بابت ڄاڻڻ ۾ دلچسپي ورتي. بنگلاديشي صحافين جي وفد پا??ستان ۾ ميزباني ۽ تعاون جي فراهمي تي پا??ستان حڪومت، اطلاعات واري وزارت ۽ صحافتي ادارن جا ٿورا مڃيا. وفد جي م??مبرن چيو ته پا??ستان جو دورو ڪري تمام سٺو لڳو، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. بنگلاديشي صحافين جي وفد ۾ اقتدار احمد، مڪرم حسين، رياض احمد، شيخ ساجد، محمد عبدالودود، جبون احمد سارڪار، قمر الزمان ۽ معين الحق ??ام?? هئا. ملاقات ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.