اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آه??، ڪنهن کي پاڪستان تي تنقيد ۽ پ??ڏي??ي پاليسي تي حملي آور ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پ??ڏي??ي پاليسي سان کيڏڻ عمران خان جو شيوو رهيو آه??. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائي??دي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو هائوس جو ڌيان پاڪستان جي مفاد ۾ سان واڳيل پاليسي جي محاذ طرف ڇڪرائڻ چاهي ٿو. پ??ڏي??ي پاليسي هڪ حساس موضوع آه??، گذريل ڏينهن صدر جي خطاب دوران جيڪو هن ايوان ۾ ٿيو، افسوسناڪ هو، ماضي ۾ هن هائوس جي روايت رهي آه?? ته اپوزيشن پاران علامتي احتجاج ڪيو ويندو هو ان کانپوءِ ايوان ۾ ويهي تقرير ٻڌي وي??دي هئي، ڪالهه گيلريز ۾ غيرملڪي سفارتڪار به موجود هئا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ايوان جي اندر باجا وڄايا ويا، اپوزيشن ايوان جي اندر غلط روايتون وجهي رهي آه??، ماضي ۾ اهڙي طرح ايوان جو ماحول ڪڏهن خراب نه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ب?? دوست ملڪن پاران پاڪستان جي دوري تي وفد اچن ٿا يا سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪو اشارو ڏنو وڃي ٿو ته مُخالف ڌر پاران پاڪستان جي دوست ملڪن جي حوالي سان مختلف قسم جا بيان سامهون اچن ٿا. پي ي آءِ جي هڪ ميمبر پاران هڪ بيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي پنهنجي ئي پارٽي ان جي ترديد ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي تنقيد ڪرڻي آه?? ته منهنجي ذات تي ڪريو، منهنجي پارٽي تي ڪريو، اسان جي هڪ هڪ ميمبر تي ڪريو، پر پاڪستان تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به آمريڪي سازش جو بيانيو ٺاهيو ۽ چيو ته اسان ڪو غلام آه??ون، آمريڪي سازش جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي آه??، ان کانپوءِ انهي بيانيي تي هن يوٽرن ورتو. وفاقي وزير چيو ته انهن جي ليڊر جو شيوو رهيو آه?? ته پ??ڏي??ي پاليسي سان کيڏڻو آه??، سڀني کي اها آڊيو ياد هو??دي جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان ان بيانيي سان کيڏڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سائفر سان کيڏي پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي رابطي ڪاري ۽ رابطي جي ڳجهي نظام کي خطري ۾ وڌو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز هوندو آه??، ان جو هڪ تقدس هوندو آه??، هن پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڪميونيڪشن نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي دوست ملڪن جي خلاف بي بنياد الزام هنيا، هي اڳ ۾ اهڙي طرح جا بيان ڏيارين ٿا ۽ ان کانپوءِ ان جا ترجمان انهن جي ترديد ڪن ٿا. هن چيو ته ڪهڙي ضرورت پيش اچي ته پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان ترديد ڪئي وڃي ته اسان جي فاضل ميمبر ڪنهن دوست ملڪ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها غلط هئي. هن چيو ته پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آه??، معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آه??، بلومبرگ، يو اين ڊي پي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا تسليم ڪري رهيا اهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آه??، ملڪ جي پ??ڏي??ي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آه??، ملڪ ۾ مهانگائي جو خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آه??. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته هن هائوس جي اندر دوست ملڪن جي حوالي سان گڏيل قرارداد آ??دي وڃي. هن چيو ته پ??ڏي??ي پاليسي جي حوالي سان ملڪ دشمني جي ذريعي ملڪ کي جيڪو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها انهن جي ليڊر جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي، انهن کي اڊيالا کان آرڊر اچي ٿو ته ڪنهن ب?? دوست ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪريو، ان کانپوءِ اهي پاڻ ان جي ترديد ڪرائين ٿا، پ??ڏي??ي پاليسي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل ۾ ويهي اهي ملڪ دشمن بيانيو هلي رهيو آه?? جنهن تحت 9 مئي تي ملڪي دفاع تي حملا ڪيا هئا ۽ هاڻي ملڪ جي پ??ڏي??ي پاليسي تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي قطعي طور تي اجازت نه ڏني ويندي، هي ملڪ سڀ کان مٿاهُون آه?? ۽ سياسي پارٽيون ان کانپوءِ اچن ٿيون.