اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چائنيز سيڙپڪاري منصوبن جي لاءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جي 9 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم چائنيز انويسٽمينٽ پراجيڪٽس بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي جو سربراه?? منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ پرڏيهي وزير، گهرو وزير، ناڻي وارو وزير، واپار وارو وزير، پيٽروليم وارو وزير، توانائي وارو وزير، ريلوي وارو وزير ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير هوندا. ان ڪميٽ?? جي ذميوارين ۾ سي پيڪ منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي ذريعي ٿيندڙ سيڙپڪار?? جي منصوبن جي اڳڀرائ?? جي نگراني ڪرڻ، مختلف سرڪاري ادارن سان چيني سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن جو تيزي سان حل ڪڍڻ، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحل?? جي طور ??ي پاڪستان جي معيشت جي پيداواري شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ، اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جنهن ۾ چيني سيڙپڪاري کي بهترين نتيجا حاصل ٿين، چيني ورڪرز/ رهواسين جي سيڪيورٽ?? جي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ ۽ نامزد چيني ادارن سان ٻيهر لاڳاپا قائم ڪري سي پيڪ جي سست رفتار سان هلندڙ منصوبن کي ٻيهر فعال ڪرڻ شامل آهي.