برسلز – 21 – مارچ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ??را??ن استعمال کي وڌائڻ ۽ پهرين ائٽمي توانائي سمٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ايجنسي جي ڪم کي تمام گهڻي اه??يت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اه??يت ۽ توانائي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جو حصو وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ايجنسي جي فني تعاون جي ڪم جي اه??يت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان به اه?? ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پ??هنجي توانائي جي ضرورتن کي پ??رو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي اي اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي جي طور تي ائٽمي توانائي جي اه??يت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي ايجنسي سان پاڪستان جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايشيا ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ائٽمي منصوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي گذريل سال پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو، جڏهن کيس پاڪستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ??را??ن استعمال جي ميدان ۾ پاڪستان جي ترقي ??و مشاهدو ڪرڻ ??و موقعو مليو.