اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ ”آپريشن س??ئف?? ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ”آپريشن س??ئف?? ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ”آپريشن س??ئف?? ريٽورٽ“ کي پنج سال مڪمل ٿي ويا آهن، اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن اڄ جي ڏينهن ڀارت جي دعو??ئن کي ڪوڙو ۽ غلط ثابت ڪندي پنهنجي آپريشنل برتري جو عملي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي جيڪو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين.