اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر جي چ??ف ڪئميره مي?? احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مي?? ظفر علي جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير حادثي ۾ ٻين زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪ??ي. واضح رهي ته حادثو سوراب ڪوئيٽا ڪ??اچي هاءِ وي تي ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پ??ش آيو.