ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو ڪيو. وحت الڪرامه گڏيل عرب امارات جي انهن هيروز جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويو آهي جن پنهنجي ملڪ ??ي خدمت ۾ پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات پريزيڊنٽ ڪورٽ ۾ شهيدن جي خاندانن جي معاملن واري آفيس جي چيئرمين شيخ طيب بن محمد بن زيدالنهيان ??گر??ن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ??گر??ن وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ ??گر??ن وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. اها يادگار گڏيل عرب امارات جي قيادت، عوام ۽ بهادر فوجين جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي علامت آهي ۽ 31 پينلز تي ٻڌل آهي. ??گر??ن وزيراعظم وحت الڪرامه جو تفصيلي دورو ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏن?? وئي. دوري جي پڄاڻي تي ??گر??ن وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر نوٽ ڪيا، جنهن ۾ گڏيل عرب امارات جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وحت الڪرامه گڏيل عرب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي، جيڪو گڏيل عرب امارات جي شهيدنجي بهادراڻي قدمن ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.