سرينگر – 06 – نومبر (اي پي پي) جيلن ۾ نظربند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ڄمون قتل عام جي شهيدن کي انهن جي شهادت جي ڏه??ڙي تي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪش??ير?? عوام پنهنجي شهيدن جي مشن کي هر قيمت تي پورو ڪندي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڊوگره مهاراجا هري سنگهه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندوتوا تنظيمن آر ايس ايس ۽ جن سگهه جي انتهاپسندن نومبر 1947ع جي پهرين هفتي ۾ ڄمون خطي جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪش??ير??ن کي ان وقت شهيد ڪيو جڏهن اهي پاڪستان طرف هجرت ڪري رهيا هئا. سڄي دنيا ۾ ڪش??ير?? 6 نومبر تي شهداءِ ڄمون ڏه??ڙي طو?? ملهائين ٿا ته جيئن انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري سگهجي. غيرقانوني طور تي نظربند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي بد??ام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي جدا جدا پيغامن ۾ چيو ته 1947ع ۾ ڄمون ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان هولناڪ واقعو آهي جنهن جي ياد 75 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪش??ير??ن جي ذهنن ۾ تازي آهي. هنن چيو ته ڊوگره مهاراجا جي فورسز ۽ ڀارتي فوج جي مدد ۽ سرپرستي ۾ هندو جنونين علائقي ?? آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ارادن تحت ڄمون خطي جي پوري مسلمان آبادي جو صفايو ڪري ڇڏيو.