اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آء?? سي) جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي لاءِ خصوصي نمائندو يوسف الدوبي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل ڏينهن هن پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان ملاقات ڪئي ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون) جي سفير سيد حيدر شاهه سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته خصوصي نمائندو يوسف الدوبي اڄ پاڪستان جي نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جو دورو پڻ ڪندو. هن چيو ته هي دورو مارچ 2022ع جي ايڪشن پلان موجب آه?? جيڪو او آء?? سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪ??مي?? تي اختيار ڪ??و آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪ??مي?? بابت خصوصي ايلچي کي زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي جي سالياني دورن جو اهتمام ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو هو ته جيئن هو پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي پنهنجي مشاهدن جي رپورٽ پيش ڪري.