اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي م??اشري م??ن عدم برداشت جي خاتمي ۾ فلمن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ به تاريخي ڪردار رهيو آهي، سٺيون فلمون تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو سيکارين ٿيون، اسان جو نوجوان نسل ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي م??ن فائدو کڻي رهيو آهي، نوجوانن کي سکڻ جو عمل جاري ۽ پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”ٻئي نق?? ڊيجيٽل فلم فيسٽيول 2023ع“ جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نق?? ڊيجيٽل فلم فيسٽيول فاطمه جناح يونيورسٽي جي هڪ اهم ڪوشش آهي، فلمن جو نه رڳو پراڻي پر موجوده دور ۾ پڻ اهم تاريخي ڪردار آهي. هن چيو ته سٺيون فلمون اخلاقيات سيکارڻ سان گڏوگڏ تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو پڻ سيکارين ٿيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جا نوجوان ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي م??ن فائدو کڻي رهيا آهن، نوجوان سکڻ جي ا?? عمل کي جاري رکن. هن چيو ته فيسٽيول ۾ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي سان يو اين ايف پي اي سميت ٻين عالمي ادارن جي حصيداري ڏسي خوشي ٿي. هن چيو ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو آهي جيڪو ان عظيم فيسٽيول ۾ حصيدار آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير فيسٽيول ۾ کٽيندڙن کي م??ارڪباد ڏني جڏهن ته رنرز اپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ست??ن مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، اسان کي م??اشري ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، اسان کي گڏجي پا??ست??ن کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چيو ته ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي فاطمه جناح يونيورسٽي ۽ ٻين حصيدارن جا ٿورائتا آهيون، اطلاعات واري وزارت جا دروازا نوجوانن جي لاءِ سدائين کليل آهن، اطلاعات واري وزارت فاطمه جناح يونيورسٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي.