لاهور – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت راندين جي سرگرمين جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين ذڪاءُ اشرف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پي سي بي ۽ پي ٽي وي اسپورٽس جي وچ ۾ تعاون سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته رانديون معاشري ۾ مثبت تبديليون آڻين ٿيون. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ناظرين ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ پي سي بي جي ڪردار کي ساراهيو.