اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالت?? فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جي خدمتن کي ساراهيندي چي?? آهي ته ميڊيا جو بنيادي مقصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آهي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڪورٽ رپورٽنگ ٽيڪنيڪل ف??لڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نئين چونڊيل عهديدارن صدر طيب بلوچ، جنرل سيڪريٽري اعظم گل، اطلاعات واري سيڪريٽري شهريار شعيب بخاري ۽ ٻين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معامل?? آهي. ڪورٽ رپورٽر بهتر طريقي سان اها ذميواري سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن ذميواراڻي صحافت کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته غيرجانبداراڻي ۽ ذميواراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.