اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپسئن شپ ۾ سلور ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ته ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان پاران پهريون تمغو کٽڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر چيو ته توهان راندين ج?? ميدان ۾ پاڪستان ج?? ڀرپور نمائندگي ??ئي?? توهان قوم جو فخر آهي، اسان سڀني جوند عائون توهان س??ن گڏ آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مستقبل ۾ به راندين ج?? ميدان ۾ توهان ج?? ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو رهنداسين.