اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حقن ??ابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائشه ر??ا فاروق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائشه ر??ا فاروق انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حقن ??ابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائشه ر??ا فاروق جي قيادت ۾ ٻارن جي حقن ??ابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن جي حقن ??ابت قومي ڪميشن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائشه ر??ا فاروق وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ??يو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حقن ??ابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.