اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جمعيت جي ورڪرز ڪن??ين??ن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪ??دا?? تائين پهچايو ??ين??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪن??ين??ن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي، جمعيت جي ورڪرز ڪن??ين??ن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪ??دا?? تائين پهچايو ??ين??و. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، س??دا?? اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.