لاهور – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قومي ايئرل??ئي?? جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي عيد کانپوءِ پي آءِ اي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته گذريل حڪومت جي نا??هلي جي ڪري قومي ايئرل??ئي?? کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ ان جي نا??هل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو، قومي ايئرل??ئي?? کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرل??ئي?? جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزيرخواجه س??د رفيق وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ ۽ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته قومي ايئرل??ئي?? کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٻيڙي ۾ جهازن جو انگ 27 کان وڌائي 49 ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير جي پي آءِ اي بابت ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڳاله??ئي??دي چيو ته قومي ايئرل??ئي?? خساري مان نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري قومي ايئرل??ئي?? يورپ ۽ آمريڪا جا فضائي رستا وڃائي ڇڏيا، گذريل حڪومت جي ان نا??هلي جي ڪري قومي ايئرل??ئي?? کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، گذريل حڪومت جي نا??هل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پي آءِ اي انهي صورت ۾ ترقي ڪري ??گهي ٿو ته ان کي نج منافعي ۽ نقصان جي بنياد تي پيشيور انتظامي ماهر هل??ئي??، قومي ايئرل??ئي?? کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاليسي نظام کڻي اچڻ طرف قدم وڌائي رهي آهي جتي حڪومت جو ڪم رڳو پاليسي فيصلا ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه س??د رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزير سيد نويد قمر، محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خاص معاون محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي ميمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه س??د رفيق، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ايوي ايشن جو سيڪريٽري ??امل هوندا. اها ڪميٽي اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بحالي جي حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان پنهنجون سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا ۾ پيش ڪندي.