اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه اندروني ۽ ٻاهر??ين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ پاڪستان کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل جهڙي نمائنده فورم جي ضرورت ڊگهي ??رصي کان محسوس ڪئي پئي وئي، معاشي پاليسيون جوڙڻ، دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪائونسل جو فوري هدف ٻاهر??ين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تا??ين وڌائڻ آهي، اها ڪائونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ کي معاشي چئلينجن مان ڪڍي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي، اتحادي حڪومت معاسي پاليسيون جوڙڻ جي مينڊيٽ سان گڏ هڪ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا معيشت جي بحالي جي لاءِ پاليسي ۾ رهنمائي، تسلسل ۽ موثر لاڳو کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ساخت جي ڪري ڪائونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. فورم آءِ ٽي، زراعت، توانائي، معدنيات ۽ کاڻ کوٽائي ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن تي ڌيان ڏيندو. هن چيو ته دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ڪائونسل جي اهم مقصدن مان هڪ آهي. فوري هدف ٻاهر??ين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تا??ين وڌائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اندروني ۽ ٻاهر??ين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ ڪائونسل جهڙي نمائنده فورم جي ضرورت ڊگهي ??رصي کان محسوس ڪئي پئي وئي. گهڻ رخي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نصابي ڪتاب جو طريقيڪار هاڻي قابل عمل نه آهي. ان لاءِ معيشت ??ي پاڻڀرائپ، درآمدات تي ٻڌل ۽ مضبوط، ٻاهر??ين لوڏن ۽ هلچل کي برداشت ڪ??ڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏي?? حڪمت سان فائدو کڻڻ جي اڃا وڌيڪ ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي مسئلن جو حل تخليقي خيالن ۾ لڪل آهي.