اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه آصف، واپار وارو وفاقي وزير سيد ??وي?? قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. آذربائيجان ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ??لا??ات ٿيندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ف??وغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ??لا??ات پڻ ٿيندي.