اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ??رڇ جي ??ڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي ??الاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظ??ار هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پ??وپئگنڊه ۽ والاريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي ??دم کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي امنگن جي ترجماني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ??رڇ جي ??ڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي ??الاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.