ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪي??. ا?? موقعي تي س??شل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خان انهن ادارن جي ڪارڪردگي، معذورن جي ڀلائي ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. ثمينه عارف علوي ووڪيشنل سينٽر ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪومت پاران انهن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ماڻهن ۽ يتيمن ۽ بيواهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ?? سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ويلفيئر کاتو اهڙ?? طرح معذور ۽ لاچار ماڻ??ن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکند??. ا?? موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن ۽ بيواهن سان ملي ۽ ان??ن جا مسئلا معلوم ڪيا.