اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز ش??يف ۽ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي گوادر جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ايران کان گوادر تائين 100 ميگاواٽ ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي افت??اح ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو منصوبو 2009ع کان التوا هيٺ هو. اهو منصوبو وزيراعظم شهباز ش??يف جي قيادت ۾ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ٿي?? سان گوادر ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ ترقي، واپار، ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو.