اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي ملڪ ۾ صاف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته روايتي ٻارڻ تي پاڪستان جو دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??اڪ??ر عارف علوي مقامي ال??ڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گرين ٽرانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستا?? کي صاف بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي، گرين ٽرانسپورٽ سان ڪاربن جو اخراج، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز ضروري آهن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊيشن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجيز پاڪستان ۾ نئين صنعت?? کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي آهي. صدر چيو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.